پاڪستان گڏيل قومن جي انساني حقن واري اداري جي بيان کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو

پاڪستان گڏيل قومن جي انساني حقن واري اداري جي حالیہ بيان کي رد ڪندي ان کي بي بنياد ۽ بنا جواز قرار ڏنو آهي۔پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب پاڪستاني پارليامينٽ ٻه ٽئين اڪثريت سان 27هين آئيني ترميم منظور ڪئي، پر ان حوالي سان جاري بيان ۾ پاڪستان جي نقطه نظر ۽ زميني حقيقتن کي شامل نه ڪيو ويو آهي۔ترجمان واضح ڪيو ته ٻين جمهوري ملڪن وانگر پاڪستان ۾ به آئين ۾ ترميم ۽ قانون سازي جو اختيار چونڊيل نمائندن وٽ آهي، ۽ جمهوريت ۽ جمهوري طريقيڪار شهري ۽ سياسي حقن جي بنياد آهن جن جو احترام ضروري آهي۔پرڏيهي وزارت چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي آئين ۾ درج انساني حقن ۽ بنيادي آزادي جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي ۽ هاءِ ڪمشنر کي پاڪستاني پارليامينٽ جي خودمختيار فيصلن جو احترام ڪرڻ گهرجي۔ترجمان هاءِ ڪمشنر کي هدايت ڪئي آهي ته اهڙن بيانن کان پاسو ڪيو وڃي جن ۾ سياسي تعصب يا غلط ڄاڻ هجي۔ پاڪستان جي نئين آئيني ترميم واضح طريقيڪار جي پيروي ڪندي منظور ڪئي وئي آهي۔

پنھنجي راءِ لکو