اي ٽي سي راولپنڊي شوکت خانم اسپتال ۽ نمل يونيورسٽي جا منجمد اڪائونٽ ڊي سیز ڪرڻ جو حڪم

دهشتگردي جي روڪٿام واري خاص عدالت شوکت خانم اسپتال ۽ نمل يونيورسٽي جا غلطِي سان منجمد ڪيل بئنڪ اڪائونٽ فوري طور ڊي سیز ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو۔سماعت دوران عليمه خانم جي وڪيل محمد فيصل ملڪ پيش ٿيا، جڏهن ته ڪيس جي ٻڌڻي جج امجد علي شاهه ڪئي۔عدالت اسٽيٽ بئنڪ کي هدايت ڏني ته ٻنهي ادارن جا اڪائونٽ بحال ڪيا وڃن، جيڪي عليمه خان جي خلاف جاري ڪيل وارنٽِ گرفتاري کان پوءِ غلطيءَ سان فريز ٿي ويا هئا۔پراسڪيوٽر ظهير شاهه جو چوڻ هو ته کين اسپتال ۽ نمل يونيورسٽي جا اڪائونٽ ڊي سیز ٿيڻ تي ڪو به اعتراض ناهي۔ هن ٻڌايو ته عدالت کان رڳو عليمه خانم جا ذاتي ۽ ڪاروباري اڪائونٽ فريز ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي، ٻيا اڪائونٽ منجمد ٿيڻ تي کين اعتراض نه آهي۔واضح رهي ته عليمه خانم ڪيتريون ئي ڀيرا عدالت ۾ پيش نه ٿيون، جنهن سبب انهن جا وارنٽِ گرفتاري ڪيترائي ڀيرا جاري ٿيا۔ 24 آڪٽوبر تي عدالت انهن جو قومي سڃاڻپ ڪارڊ پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ ۽ سڀئي بئنڪ اڪائونٽ منجمد ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو هو۔

پنھنجي راءِ لکو