ڪراچي سنڌ ڪابينا ڪراچي ۾ رينجرز جي تعيناتي هڪ وڌيڪ سال لاءِ وڌائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ترجمان وزيرِاعلیٰ سنڌ موجب رينجرز انسدادِ دهشتگردي ايڪٽ تحت پوليس سان گڏ پنهنجا اختيار استعمال ڪندي امن و امان لاءِ معاونت جاري رکندي. رينجرز جي نئين تعيناتي جو مدو 9 ڊسمبر 2025 کان لاڳو ٿيندو.وزير اعليٰ سيد مراد عليشاهه جي صدارت هيٺ اڄ ٿيل سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا، جن ۾ ڊي ايڇ اي پائپ لائين منصوبي لاءِ پاڻي جي قيمت ۾ نظرِ ثاني پڻ شامل آهي. نوان نرخ 0.85 رپيا في گيلن مان گهٽائي 0.60 رپيا في گيلن مقرر ڪرڻجوفيصلو ڪيو ويو.اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته نوان نرخ KWSB ۽ DHA جي ڳالهين کان پوءِ طئي ڪيا ويا آهن ۽ ادائيگي جومدو 10 سال برقرار رکيو ويو آهي. منصوبو مالي طور پائيدار بڻائڻ ۽ ڊي ايڇ اي لاءِ قابلِ برداشت قيمت رکڻ کي اهميت ڏني وئي آهي.ان کان سواءِ، سنڌ ڪابينا براؤن فیلڊ سائيٽن جي ترقي لاءِ ڪاربان فنانس حڪمتِ عملي جي منظوري پڻ ڏني. توانائي کاتي تجويز پيش ڪئي ته پراڻين صنعتن واري زمينن تي سولر پارڪ ۽ ونڊ فارم ٺهڻ گهرجن.جام چڪرو سائيٽ کي جديد لينڊ فل ۾ تبديل ڪرڻ ۽ ٻين فضول مواد واري سائيٽن کي اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.وزير اعليٰ هدايت ڪئي ته سائنس بنيادن تي لينڊ فل سائيٽون ۽ بايوگيس منصوبا تيار ڪيا وڃن.
