سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ پاران ٽرانسپورٽ سيڪريٽري جي گرفتاري وارنٽ جاري 15 ڊسمبر تي پيش ٿيڻ جو حڪم

سکر سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ روهڙي بس ٽرمينل کي فنڪشنل ڪرڻ ۽ ٻٻرلو باءِ پاس وٽ بوڪنگ آفيسون بند ڪرائڻ لاءِ داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران ٽرانسپورٽ کاتي جي صوبائي سيڪريٽري خلافگرفتاريوارنٽجاريڪيا.ٻهرڪني آئيني بئنچ جسٽس ذوالفقار علي سانگي ۽ جسٽس عبدالحامد ڀرڳڙي درخواست ٻڌي. عدالت ۾ درخواستگذارراحب ملاڻو علي حسن مستوئي، وڪيل سرفراز آخوند، آر ٽي سي سکر فياض منگي ۽ عملدار رياض سولنگيپيشٿيا.عدالتسيڪريٽري ٽرانسپورٽ جي غير موجودگي تي پڇيو ته سيڪريٽري ڪابينا اجلاس ۾ مصروف آهن جڏهن ته اضافي سيڪريٽري حاضر آهي، عدالت چيو ته اضافي سيڪريٽري کي طلب ناهي ڪيو ويو، پوء اوهين پيش ڇو ٿيا.عدالت ناراضگي جو اظهار ڪندي صوبائي سيڪريٽري خلاف ضمانت جاڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ۽ 15 ڊسمبر تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو

پنھنجي راءِ لکو