سکر بينچ چونڊڪو ۾ 100 بڊ اسپتال ۽ پيرا ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ جي غير فعال ٿيڻ تي سيڪريٽري صحت کي طلب ڪري ڇڏيو

سکر سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ چونڊڪو ۾ 100 بڊ اسپتال ۽ پيرا ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ جي غير فعال ٿيڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ صوبائي سيڪريٽري صحت کي 15 ڊسمبر تي طلب ڪري ڇڏيو.عدالت ۾ جسٽس ذوالفقار علي سانگي ۽ جسٽس عبدالحامد ڀرڳڙي تي مشتمل آئيني بينچ درخواست ٻڌي، جيڪا چونڊڪو جي رهواسي علي احمد ڀنبھرو پاران داخل ڪئي وئي هئي.درخواست گذار جي وڪيل شير از فضل اویسی ٻڌايو ته 2018 ۾ اسپتال جي عمارت مڪمل ڪئي وئي، جنهن ۾ ليبارٽريز، الٽراسائونڊ، ايڪس رے ۽ ٻيون مشينري لڳايل هيون، ۽ پيرا ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ لاءِ انفراسٽرڪچر به تيار ڪيو ويو، پر 7 سال گذرڻ باوجود اسپتال ۽ انسٽيٽيوٽ فعال نه ٿيا. ان دير جي ڪري نارو تعلقا جي رهواسين کي علاج لاءِ پري شهرن وڃڻو پوي ٿو.سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اسپتال جي عمارت وفاقي ملڪيت آهي. عدالت چيو ته عوام کي صحت جون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ذميواري آهي ۽ وفاقي ۽ صوبي حڪومتن کي هڪٻئي سان تعاون ڪرڻ گهرجي.عدالت سماعت 15 ڊسمبر تائين ملتوي ڪندي سيڪريٽري صحت ۽ ٻين متعلقن کي نوٽيس جاري ڪيو.

پنھنجي راءِ لکو