سکر گھوٽڪي سان واسطو رکندڙ علي گوهر گڏاڻي ۽ ٻين ڳوٺاڻن عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي ته جيئن انهن جي زمين جي ماپ ڪرائي سگهجي. اها درخواست سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس ذوالفقار علي سانگي ۽ جسٽس عبدالحامد ڀرڳڙي تي ٻڌل ٻه رڪني آئيني بئنچ جي اڳيان ٻڌڻي لاءِ پيش ڪئي وئي۔ٻڌڻي دوران درخواستگذار ۽ سٽي سرويئر عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته عدالتي حڪم جي باوجود ڊپٽي ڪمشنر گھوٽڪي پيش نه ٿيا۔عدالت پڇيو ته ديهه سهتا ۾ 236 ايڪڙ کان وڌيڪ زمين جا روينيو عملدار ماپ نٿا ڪن، جنهن ڪري ڳوٺاڻا پريشان آهن. وڪيل انور لوهار عدالت کان درخواست ڪئي ته زمين جي ماپ ڪرائي وڃي۔عدالت ڊپٽي ڪمشنر گھوٽڪي کان پڇيو ته اسان انهن کي ذاتي حيثيت ۾ گهرايو آهي، پوءِ پيش ڇو نه ٿيا؟ عدالت سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي ڊپٽي ڪمشنر گھوٽڪي جا ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ۽ هدايت ڏني ته 22 ڊسمبر تي عدالت ۾ پيش ٿين۔
