اسلام آباد نيشيل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (NCIAS) خاتون جي شڪايت تي هڪ خطرناڪ بليڪ ميلنگ نيٽ ورڪ کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. ايجنسي جي طرفان ڪيل ڪارروائي دوران معلوم ٿيو ته مُلزم عمران شادي جو جهانسو ڏئي عورت جون تصويرون ۽ وڊيوز حاصل ڪندو رهيو.ايجنسي جي ترجمان موجب ريڪارڊ ڪيل بيانن ۾ انڪشاف ٿيو ته مُلزم عمران عورت کان 20 لک رپيا تاوان طلب ڪيو هو ۽ عورت جي ڀينڻويهه کي نازيبا وڊيو موڪلي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.نيشنل سائبر ڪرائم ايجنسي تاتارا پارڪ ۾ ڇاپو هڻي مُلزم کي گرفتار ڪري ورتو مُلزم جي فون مان متعدد عورتن جون وڊيوز ۽ حساس مواد به هٿ آيو آهي، جنهن بعد مُلزم خلاف باقاعده مقدمو داخل ڪيو ويو آهي.
