پيپلزپارٽي جي 58هين يومِ تاسيس جي شاندار تقريب جيالن جي وڏي تعداد ۾ شرڪت

پاڪستان پيپلز پارٽي جي 58هين يومِ تاسيس جي موقعي تي مهراڻ ڪلچرل هال سکر ۾ هڪ شاندار ۽ پُروقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ پارٽي اڳواڻن، ٽاؤن چيئرمينز ۽ وڏي انگ ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪئي.تقريب جي صدارت ڊپٽي ميئر سکر ڊاڪٽر ارشد مغل ڪئي، جڏهن ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تقريب سان وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪيو جنهن کي شرڪت ڪندڙ وڏي دلچسپي سان ٻڌو.تقريب ۾ ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ، سيد زيرڪ شاهه، احسان احمد لاشاري، غضنفر انصاري، ٽاؤن چيئرمين عزيزالله مغل، طارق چوهان، حاجي دين محمد، عذرا جمال سميت مختلف يوسي چيئرمين ۽ پارٽي ڪارڪن وڏي انگ ۾ موجود هئا.شرڪت ڪندڙن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه عوام جي حقِ حاڪميت لاءِ جدوجهد ڪئي آهي، جڏهن ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي نوجوان قيادت ملڪ کي نئين سمت ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي.تقريب جي پڄاڻي تي جيالن طرفان يومِ تاسيس جو ڪيڪ ڪٽيو ويو ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي حمايت ۾ نعرا هنيا ويا.

پنھنجي راءِ لکو