ڪراچي ميئر ڪراچي مرتضیٰ وهاب نيپا چورنگي ڀرسان پيش آيل دل ڏاريندڙ سانحي بابت پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سي سي ٽي وي فوٽيچ حاصل ڪئي پئي وڃي ته جيئن اصل حقيقت سامهون اچي.مرتضیٰ وهاب چيو ته امدادي ڪم لاءِ مشينري نه ڏيڻ بابت جاچ هلي رهي آهي، جڏهن ته ايم ڊي واٽر ڪارپوريشن کي پڻ انڪوائري جو حڪم ڏنو ويو آهي. جيڪڏهن عملو غفلت جو مرتڪب ٿيو ته سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن واضح ڪيو ته مڪمل انڪوائري ڪري ذميوارن کي انجام تائين پهچايو ويندو.ميئر ڪراچي چيو ته اسٽور جي اڳيان مين هول جو ڍڪ کليل هئڻ کي قبول ڪرڻ مشڪل آهي، تنهنڪري فوٽيچ ذريعي معلوم ڪيو ويندو ته ڊھڪ ڪڏهن کان غائب هو هن افسوس ظاهر ڪندي چيو ته منشياد فروشن پاران مين هول جا ڍڪ چوري ڪرڻ عام ٿي ويو آهي، ۽ فوٽيچ مان پتو پئجي ويندو ته اصل ذميوار ڪير آهي.مرتضیٰ وهاب وڌيڪ ٻڌايو ته شهر ۾ جتي به شڪايت ملي ٿي، اتي ڪم ڪيو وڃي ٿو. واٽر ڪارپوريشن گذريل هڪ سال دوران 88 هزار مين هول ڍڪ لڳايا، جن مان 55 سيڪڙو يوسي چيئرمينز جي شڪايتن تي لڳايا ويا. هن چيو ته حقيقتون جلد عوام سان شيئر ڪيون وينديون ۽ پورو زور لڳايو ويندو ته اهڙا واقعا ٻيهر نه ٿين.ياد رهي ته گذريل رات نيپا چورنگي وٽ هڪ المناڪ واقعو پيش آيو، جڏهن گلشن اقبال ۾ هڪ 3 ساله معصوم ابراهيم اسٽور مان ٻاهر نڪري والد جي موٽر سائيڪل ڏانهن ڀڳي رهيو هو ته کليل مين هول ۾ ڪري پيو. ٻارڙي جي لاش کي 15 ڪلاڪن بعد ريسڪيو ٽيمون باهر ڪڍي سگهيون.
