بنون ۾ ميران شاهه روڊ تي اسسٽنٽ ڪمشنر اتر وزيرستان جي گاڏي تي دهشتگردن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر، 2 پوليس اهلڪار ۽ هڪ ٻيو شخص شهيد ٿي ويا. پوليس موجب هٿياربندن زخمي اهلڪارن کان هٿيار ڦر ڪرڻ بعد گاڏي کي باهه پڻ ڏئي ڇڏي.اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ۽ شاهديون گڏ ڪيون، جڏهن ته لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. فائرنگ جو واقعو فلور ملز ڀرسان پيش آيو جتي هٿياربندن اوچتو حملو ڪيو.خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون ۽ دهشتگردي خلاف جنگ وڌيڪ مضبوط ارادن سان جاري رهندي. هن آءِ جي کان واقعي جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ زخمين کي بهترين طبي سهولتون ڏيڻ جي هدايت به ڪئي.
