جيڪڏهن همت آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ گورنر راڄ لڳائي ڏيکاريو”سهيل آفريدي

خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي حڪومت کي چيلينج ڏئي چيو آهي ته صوبي ۾ اڳ ئي پي ٽي آءِ باني عمران خان جو راڄ آهي، انهي ڪري ڪنهن ٻئي راج جي ضرورت ناهي. هن چيو، “جيڪڏهن همت آهي ته گورنر راڄ لڳائي ڏيکاريو، اسان ڪنهن کان به نٿا ڊڄون.”امن امان بابت سوال جو جواب ڏيندي آفريدي چيو ته بند ڪمرن جون پاليسيون خيبرپختونخواهه ۾ لاڳو ڪندڙن کي سمجهڻ گهرجن.پي ٽي آءِ جي چيئرمين بيرسٽر گوهر پڻ چيو هو ته خيبرپختونخواهه ۾ گورنر راڄ لڳندي نظر نه ٿو اچي.ٻئي طرف پي ٽي آءِ جي سلمان اڪرم راجا چيو ته آئين موجب گورنر راڄ صرف انهي صورت ۾ لڳائي سگهجي ٿو جڏهن صوبائي حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿئي، ۽ هن وقت صوبي ۾ عوام جا نمائنده ۽ ڪابينه موجود آهن.سهيل آفريدي وڏي اڪثريت سان چونڊيل وڏو وزير آهي، تنهن ڪري وفاق کي خيبرپختونخواهه ۾ پنهنجو نمائندو مقرر ڪرڻ جي ضرورت ناهي.


پنھنجي راءِ لکو