سام سنگ اسمارٽ فون مارڪيٽ ۾ پنهنجي پوزيشن وڌيڪ مضبوط ڪندي پنهنجو پهريون ملٽي فولڊنگ فون ’گيليڪسي زيڊ ٽرائي فولڊ‘ متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي. روئٽرز جي رپورٽ موجب هي ٽرائي فولڊ فون سام سنگ جي اُن ڪوشش جي علامت آهي جنهن سان هو فولڊ ايبل ڊوائسز جي شعبي ۾ چين جي تيزيءَ سان اُڀرندڙ ڪمپنين سان مقابلو ڪرڻ چاهي ٿو۔نئين ٽرائي فولڊ فون جي قيمت لڳ ڀڳ 2440 ڊالر (تقريباً 6،90،490 رپيا پاڪستاني) رکيل آهي. ٽي پينلن تي ٻڌل ڊوائس جو ڊسپلي 10 انچ آهي، جيڪو سام سنگ جي تازو فولڊ ايبل ماڊل ’فولڊ 7‘ جي ڀيٽ ۾ 25 سيڪڙو وڏو آهي۔سام سنگ اليڪٽرانڪس جي ايگزيڪيوٽو وائيس پريزيڊنٽ الڪس لِم موجب فولڊ ايبل مارڪيٽ مسلسل ترقي ڪري رهي آهي ۽ ٽرائي فولڊ مستقبل ۾ هن شعبي جي ترقي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو۔هي فون پهرين مرحلي ۾ 12 ڊسمبر تي ڏکڻ ڪوريا ۾ لانچ ڪيو ويندو، جڏهنته ساڳي سال اندر چين، سنگاپور، تائيوان ۽ يو اي اي ۾ به دستياب هوندو۔آمريڪا ۾ لانچ ايندڙ سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ متوقع آهي۔ملٽي فولڊنگ فون ۾ سام سنگ جي فليگ شپ ڊوائيسز مان وڏي بيٽري شامل ڪئي وئي آهي جيڪا 30 منٽن ۾ 50٪ تائين چارج ٿي سگهي ٿي۔
