اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب جي سپريم ڪورٽ ۾ مستقل جج طور مقرري جي منظوري

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب کي سپريم ڪورٽ جو مستقل جج بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي وئي آهي۔تفصيل موجب چيف جسٽس يحيیٰ آفريدي جي سربراهي هيٺ ٿيل جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب جي سپريم ڪورٽ ۾ مستقل جج طور مقرري منظور ڪئي وئي۔جاري ڪيلاعلاميي مطابق، جسٽس ظفر احمد راجپوت کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس ۽ جسٽس ڪمـران خان ملاخيل کي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو آهي۔ان سان گڏ، اجلاس ۾ جوڊيشل ڪميشن رولز ۾ ترميمن لاءِ هڪ ڪميٽي به بڻائي وئي آهي، جنهن جي سربراهي وفاقي آئيني عدالت جي جج جسٽس عامر فاروق ڪندا۔ ڪميٽي ۾ اٽارني جنرل، فاروق ايچ نائیک، بئرسٽر علي ظفر ۽ احسن ڀون شامل آهن، جيڪي رولز ۾ ترميمن جو مسودو تيار ڪندا۔

پنھنجي راءِ لکو