بي آءِ ايس پي ۾ معذور ماڻهن جي شموليت لاءِ اهم قدم پي ايم ٽي اسڪور حد وڌائي وئي

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) طرفان معذور ماڻهن کي پروگرام ۾ شامل ڪرڻ لاءِ اهم قدم کنيويوهي۔ معذور ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي چيئرپرسن بي آءِ ايس پي سينيٽر روبينه خالد پنهنجي پيغام ۾ چيو ته معذور فرد معاشري جو قابلِ احترام ۽ اهم حصو آهن، تعليم، صحت ۽ روزگار تائين برابر رسائي سندن بنيادي حق آهيسينيٽر روبينه خالد موجب بي آءِ ايس پي معذور ماڻهن جي فلاح، مدد ۽ معاشي شموليت لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهيو آهي، ۽ انهن لاءِ باعزت ۽ محفوظ ماحول مهيا ڪرڻ ادارو پنهنجو سماجي فرض سمجهي ٿو۔بي آءِ ايس پي معذور ماڻهن جي شموليت کي يقيني بڻائڻ لاءِ پي ايم ٽي اسڪور جي حد 32 کان وڌائي 37 ڪري ڇڏي آهي، جنهن سان وڌيڪ مستحق فرد پروگرام جو حصو بڻجي سگهندا۔چيئرپرسن چيو ته اسان عزم ڪريون ٿا ته بغير ڪنهن فرق جي ملڪ جي سڀني معذور ماڻهن جي بهتري لاءِ قدم جاري رکيا ويندا۔واضح رهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام هڪ سماجي فلاح وارو منصوبو آهي، جيڪو غريب ۽ ضرورت مند خاندانن کي مالي مدد فراهم ڪري ٿو، جنهن جو مقصد غربت ۾ گهٽتائي ۽ معاشي مضبوطي آهي۔

پنھنجي راءِ لکو