سندھ حڪومت پاران گندم جي پوک ڪندڙ ڪاشتڪارن جي سڃاڻپ لاءِ ويڙيفڪيشن سروے شروع

سندھ حڪومت ’سندھ ويٽ گروورز سپورٽ پروگرام 2025‘ تحت گندم پوکيندڙ ڪاشتڪارن جي تصديق لاءِ سڄي صوبي ۾ ويڙيفڪيشن سروے شروع ڪري ڇڏيو آهي۔ هي سروے سرڪاري نوٽيفڪيشن مطابق 3 ڊسمبر کان صوبو ڀر ۾ لاڳو ٿي چڪو آهي۔سروے ٽيمون مختلف ضلعن ۾ پهچي ڪاشتڪارن طرفان مهيا ڪيل رقبي، پوک، ڊيٽا ۽ زرعي سرگرمين جو موقعي تي جائزو وٺي رهيون آهن، جڏهن⁠ ته ڪجه ضلعن ۾ ابتدائي ڊيٽا گڏ ڪرڻ جو عمل به جاري آهي هن سال سروے کي وڌيڪ منظم، موثر ۽ تيز رفتار بڻائڻ لاءِ اضافي عملي جي به مقرري ڪئي وئي آهي۔محڪمه زراعت موجب هن عمل جو مقصد اهو آهي ته صوبي جي اصل، سرگرم ۽ حقيقي گندم ڪاشتڪارن جي سڃاڻپ ٿي سگهي ۽ حڪومت جون سبسڊيون صرف انهن تائين پهچن جيڪي واقعي گندم پوکن ٿا۔گذريل سال ڪيترن ئي علائقن ۾ جعلي دعوائن کان پوءِ هن ڀيري ويڙيفڪيشن سسٽم کي وڌيڪ سخت ڪيو ويو آهي۔ پهريون دفعو ڊيجيٽل فارم متعارف ڪرايو پيو وڃي جنهن ذريعي موقعي تي حاصل ٿيل معلومات فوري طور مرڪزي سرور ڏانهن منتقل ٿيويندي ۽ ڊيٽا ۾ هيرا پيري جو امڪان ختم ٿي ويندو۔سروے دوران چڪاس ٿيندڙ اهم شيون:پوکيل زمين جو سڌو معائنوڊي اي پي ڀاڻ جي انوائس جي تصديق ڪاشتڪار جي سڃاڻپ ۽ زرعي رڪارڊ جي جاچ مقامي زرعي عملدارن جي معاونتپاڻي جي فراهمي، ٻج جي معيار ۽ زرعي سرگرمين جو رڪارڊڪاشتڪارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو سروے ٽيم سان مڪمل تعاون ڪن ۽ ڊي اي پي انوائس، سڃاڻپ ڪارڊ، زمين جو رڪارڊ يا پوک جو ثبوت گڏ رکن ته جيئن تصديق دوران ڪا تڪليف نه ٿئي۔ غلط معلومات ڏيڻ يا عدم تعاون جي صورت ۾ سبسڊي ڪليم رد ٿي سگهي ٿو ۽ ايندڙ زرعي اسڪيمز ۾ نالو شامل ٿيڻ ۾ ڏکيائي ٿي سگهي ٿي۔حڪومت ٻڌايو آهي ته هن سال گڏ ڪيل ڊيٽا کي آئنده سال جي زرعي منصوبابندي لاءِ استعمال ڪيو ويندو۔ شفافيت، درست ڊيٽا ۽ اصل ڪاشتڪار تائين رسائي هن پروگرام جون اهم ترجيحون آهن۔مزید معلومات لاءِ هيلپ لائن نمبر: 0311-1646111يا ويجهو ايگري ڪلچر ايڪستنشن آفيس تي رابطو ڪيو۔

پنھنجي راءِ لکو