پنجاب ۾ منشيات فروشن سان مبينه مقابلي دوران 9 جوابدار مارجي ويا

لاهور سميت پنجاب جي مختلف علائقن ۾ ڪرائم ڪنٽرول ڊپارٽمينٽ (سي سي ڊي) جي 9 مبينه مقابلي دوران گرفتار 9 جوابدار مارجي ويا.پوليس موجب، لاهور جي علائقن گرين ٽائون، ڪاهنه، سول لائنز، ڪينٽ، ماڊل ٽائون ۽ اقبال ٽائون ۾ سي سي ڊي منشيات جي جوابدارن کي ريڪوري لاءِ کڻي وڃي رهي هئي، ته جوابدارن جي ساٿين انهن کي ڇڏائڻ جي لاءِ فائرنگ شروع ڪري ڏني.جوابي ڪارروائي دوران گرفتار 6 جوابدار پنهنجي ئي ساٿين جي فائرنگ سبب مارجي ويا، جن ۾ فريد، محسن، آصف، فاروق، رمضان ۽ وسيم شامل آهن.حويلي لکها ۾ مبينه مقابلي دوران منشيات فروش پرويز عرف بگي مارجي ويو، جنهن جي قبضي مان پستول، موٽر سائيڪل ۽ چرس هٿ آئي، باقي ساٿي فرار ٿي ويا.شيخوپوره ۾ مبينه مقابلي دوران منشيات فروش نثار عرف ٽونڊا مارجي ويو، جڏهن ته سندس 2 ساٿي فرار ٿي ويا. ننڪانه صاحب ۾ پڻ مبينه مقابلي ۾ گهربل منشيات فروش اعجاز عرف ججي مارجي ويو، جيڪو منشيات جي 7 ڪيسن ۾ مطلوب هو، سندس 2 ساٿي فرار ٿيا.پوليس مطابق، انهن مقابلي دوران قانون مطابق عمل ڪيو ويو ۽ گرفتار ملزمان جا هٿيار، منشيات ۽ ٻين شواهد هٿ آيا، جڏهن ته باقي ملزمان جي ڳولا جاري آهي.

پنھنجي راءِ لکو