پنجاب حڪومت 25 ورهين پوءِ صوبو ۾ پتن کڻڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي آهي، جنهن لاءِ نئون قانون جاريڪيوويو آهي۔ قانون موجب 18 سالن کان گهٽ ٻار پتن نه کڻي سگهندا ۽ ڪنهن به خلاف ورزي جي ذميواري والد ياسرپرست تي هوندي۔قانون ۾ واضع ڪيو ويو آهي ته صرف دھاڳي واري ڊور استعمال ڪري سگهجي ٿي، جڏهن ته ڌاتي،ڪيميڪل لڳل يا تيز ڌار مانجهي جي استعمال تي سخت سزائون مقرر ڪيون ويون آهن۔سزائون ۽ ڏنڊ:قانون جي خلاف ورزي تي گهٽ ۾ گهٽ 3 سال ۽ وڌ ۾ وڌ 5 سال قيد20 لک رپيا ڏنڊ18 سالن کان گهٽ ٻار جي پهرين خلاف ورزي تي 50 هزار رپيا ڏنڊٻي خلاف ورزي تي 1 لک رپيا ڏنڊڏنڊ ادا نه ڪرڻ تي والد يا سرپرست خلاف ڪارروائي ڪئي وينديپتن کڻڻ واريون ايسوسيئيشنز هاڻي لاڳاپيل ضلعي جي ڊي سي وٽ رجسٽرڊ ٿينديون۔ پتن رڳو رجسٽرڊ دڪاندارن کان خريدڪريسگهجن ٿيون، ۽ هر دڪاندار کي QR ڪوڊ سان منسلڪ ڪيو ويندو۔پتن ۽ ڊور تي به QR ڪوڊ هوندو، جنهن ذريعي ڊورٺاهيندڙ ۽ پتن وڪڻندڙ جي سڃاڻپ ممڪن ٿيندي۔ياد رهي ته پنجاب ۾ 2001 ۾ پتن کڻڻ تي پابندي لڳائي وئي هئي جيڪا هاڻي 25 سال بعد ختم ڪري مشروط اجازت ڏني وئي آهي۔ٻئي طرف گورنر پنجاب بسنت منائڻ جيمشروطاجازتواروآرڊيننس به جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ شرطن ۽ خلاف ورزي تي سزن جو ذڪر شامل آهي۔
