موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته 6 ڊسمبر کان ملڪ ۾ برساتن جو سلسلو شروع ٿيندو، جڏهن مغربي هوائن جو هڪ طاقتور سلسلو بلوچستان ۾ داخل ٿيندو، جيڪو 10 ڊسمبر تائين مختلف علائقن کي متاثر ڪندو۔تفصيل موجب ملڪ ڀر ۾ سياري جي شدت ۾ اضافو ٿي ويو آهي ۽ دسمبر جي شروعات جو احساس واضح طور تي ٿي رهيو آهي ميדاني علائقن ۾ ڌند ۽ اسموگ ڇانيل آهي، جڏهن ته مٿين ۽ پهاڙي علائقن ۾ شديد سردي پئجي رهي آهي۔موسميات کاتي مطابق مغربي هوائن جو هي طاقتور سلسلو ملڪ ۾ هن سيزن جي پهرين مڪمل ۽ ڊگهي برساتن جو سبب بڻجندو، جيڪو سڄي مهيني وقفي وقفي سان جاري رهڻ جو امڪان آهي۔گذريل 24 ڪلاڪن ۾ اسڪردو ۾ سڀ کان گهٽ گرمي پد رڪارڊ ٿيو، جتي پارو منفي 11 ڊگري سينٽي گريڊ تائين لهجي ويو۔بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ به گرمي پد نقطهٔ انجماد کان هيٺ رڪارڊ ٿيو۔ ڪوئيٽه ۾ منفي 4، پشاور ۾ 2، اسلام آباد ۾ 3، لاهور ۾ 7 ۽ ڪراچي ۾ 13 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو۔
