بينظير هُنرمند پروگرام جو مقصد بي آءِ ايس پي مستحق خاندانن کي فني ۽ پيشورانه مهارتون فراهم ڪري انهن کي معاشي طور مضبوط بڻائڻ آهي، جيئن هو پاڻ روزگار حاصل ڪري سگهن.پروگرام تحت مستحق فرد يا انهن جي گهر مان ڪو هڪ شخص مفت پيشورانه فني تربيت، ماهوار وظيفو، گريجوئيشن بونس، سرٽيفڪيٽ ۽ روزگار جا موقعا حاصل ڪري سگهي ٿو۔ڪورسز ۾ آءِ ٽي، هيلٿ، هوٽل مينيجمينٽ، ڪنسٽرڪشن، بيوٽي سروسز، فيشن ۽ ٽيڪسٽائل شامل آهن، جن جي مدت 3 کان 6 مهينا آهي۔واضح رهي ته هن پروگرام ۾ صرف بي آءِ ايس پي مستحقين يا انهن جي گهر جا فرد شامل ٿي سگهن ٿا۔شموليت جي شرطن ۽ طريقيڪاربي ايڇ پي جي آفیشل ويب سائيٽ مطابق ضابطا هن ريت آهن:صرف بي آءِ ايس پي ڊائنامڪ رجسٽريشن وارا مستحق هن پروگرام ۾ شامل ٿي سگهن ٿاتعليمي قابليت گهٽ ۾ گهٽ ميٽرڪ لازمي آهي عمر جي حد 18 کان 40 سال مقرر پورٹل (hunarmand.bisp.gov.pk) صرف آن لائن رجسٽريشن لاءِ آهيهر گهر مان صرف هڪ فرد رجسٽر ٿي سگهي ٿورجسٽريشن لاءِ بي ايڇ پي پورٹل استعمال ڪيو وڃي يا ويجهي تحصيل آفيس تي اصلي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ فعال موبائل نمبر سان رابطو ڪيو وڃي
