سکر پوليس جو ڪریک ڊاؤن روهڙي ٿاڻي جي ڪميا‌ب ڪارروائي قتل ڪيس جو اشتھاري جوابدار گرفتار

ايس ايس پي سکر اظھر خان جي هدايتن تي سکر پوليس طرفان ڏوھارين، روپوش ۽ اشتھاري جوابدارن خلاف ڪریک ڊاؤن جاري آهي۔انهي سلسلي ۾ ٿاڻو روهڙي پوليس اهم ڪاميابي حاصل ڪندي قتل ڪيس ۾ مطلوب اشتھاريجوابدار فرمان علي بانبو کي گرفتار ڪري ورتو۔ايس ايڇ او روهڙي جي خفيه اطلاع تي ڪامياب ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران معلوم ٿيو ته جوابدار فرمان علي بانبو ٻن سال اڳ ٿاڻي ڪنڊرا جي حدن ۾ سياهڪاري جي الزام تحت مقتولہ مسمات فردوس کي سندس مڙس سان گڏجي قتل ڪيو ۽ لاش کي گهر اندر دفنائي ڇڏيو هو۔هي قتل ڪيس گناھ نمبر 140/2023، قلم 302، 311، 201، 34 پي پي سي تحت ٿاڻي ڪنڊرا ۾ داخل آهي۔گرفتار جوابدار روهڙي ٿاڻي جي گناھ نمبر 360/2025، قلم 34، 401، 324، 353 پي پي سي ۾ به مطلوب هو۔پوليس موجب جوابدار کان وڌيڪ تفتیش جاري آهي۔ايس ايس پي سکر اظھر خان ڪامياب ڪارروائي تي پوليس ٽيم کي شاباش پيش ڪئي۔

پنھنجي راءِ لکو