لاهور هاءِ ڪورٽ موٽر وهیکل آرڊيننس ۾ ترميم خلاف درخواست اڻسڻوار قرار ڏئي رد ڪري ڇڏي

لاهور هاءِ ڪورٽ موٽر وهیکل آرڊيننس ۾ ٿيل ترميم خلاف داخل ڪيل درخواست کي اڻسڻوار قرار ڏئي مسترد ڪري ڇڏيو۔ چيف جسٽس عليہ نيلم درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ۽ چيو ته حڪومت قانون ٺاهي ڇڏيو آهي، تنهنڪري ان تي عمل ضروري آهي۔ٻڌڻي دوران پوليس چيف جسٽس کي آگاهه ڪيو ته 5 هزار ٻار ون وي جي ڀڃڪڙي سبب مختلف حادثن ۾ زخمي يا فوت ٿي چڪا آهن۔ چيف جسٽس چيو ته جرمانا ان لاءِ وڌايا ويا آهن ته ماڻهو ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي نه ڪن۔ قانون سوسائٽي کي بهتر ڪرڻ لاءِ بڻايا ويندا آهن ۽ شهرين کي ذميوار بڻائڻ لاءِ قانونسازي لازمي آهي۔چيف جسٽس عليہ نيلم وڌيڪ ريمارڪس ڏنا ته نابالغ ٻار انتهائي تيز رفتاري سان موٽر سائيڪل هلائين ٿا ۽ والدين به ذميواري نٿا نبهن۔ ٻارن جي حفاظت سڀ کان اهم آهي، اسان کي قانون تي عمل ڪندڙ معاشرو بڻجڻ گهرجي۔هن وڌيڪ چيو ته دبئي ۾ ٽريفڪ قانون ڀڃڪڙي تي هڪ لک درهم تائين جرمانو ٿيندو آهي، اسان وٽ ٻار جي ٽنگ به زمين تائين نٿي پهچي ۽ موٽر سائيڪل ڏئي ڇڏين ٿا۔ حڪومت واضح ڪيو آهي ته پهرين ڀڃڪڙي تي وارننگ ۽ جرمانو،جڏهن ته ٻي ڀڃڪڙي تي قانوني ڪارروائي ٿيندي۔

پنھنجي راءِ لکو