پشاور ۽ لاهور ۾ مبينا پوليس مقابلا گينگ سرغڻه سميت 5 جوابدار مارجي ويا

پشاور جي علائقي تہکال ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران نونهن مقدمن ۾ گهربل مرڪزي جوابدار هلاک ٿي ويو۔ پوليس موجب ڊڪيٽ گينگ جو سرغڻه عزير خان عرف ”عزيزو“ رهزني، ڊڪيتي، پوليس تي حملا، قتل، اقدامِ قتل ۽ ٻين سنگين مقدمن ۾ گهڻو وقت کان پوليس کي گهربل هو۔ پوليس جو چوڻ آهي ته هلاک جوابدار کان هٿيار به रآمدٿياآهن۽سندس ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن۔انهي دوران لاهور جي نشتر ۽ ڪاهنه وارن علائقن ۾ ڪرائم ڪنٽرول ڊپارٽمينٽ (سي سي ڊي) سان مبينا مقابلي ۾ 4 منشيات فروش ماريا ويا۔ پوليس موجب چارئي جوابدار پنهنجي ساٿين جي فائرنگ سبب مارجي ويا۔ مڙهون پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيون ويون آهن۔

پنھنجي راءِ لکو