چيـف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاهه جي سکر آمد ريونيو ڪمپليڪس نيو سکر جو افتتاح

سکر چيـف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاهه سکر پهچي ويا، جتي هن ڪميشنر سکر ڊويزن عابد سليم قريشي سان گڏجي ريو نيو ڪمپليڪس تعلقه نيو سکر جو باقاعدي افتتاح ڪيو۔چيـف سيڪريٽري سنڌ اسسٽنٽ ڪمشنر نيو سکر جي آفيس ۾ اي سي ۽ مختيارڪار صالح پٽ جي ريو نيو ڪمپليڪس ۽ رهائشگاہ جي افتتاحي تختي جي نقبڪشائي پڻ ڪئي۔ان موقعي تي چيـف سيڪريٽري سنڌ اسسٽنٽ ڪمشنرن کان سائلين جي اوقاتِ ڪار ۽ سهولتن بابت پڇاڻو ڪيو ۽ واضح هدايت ڪئي ته عوام جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن۔اسسٽنٽ ڪمشنر نيو سکر وسيم مھر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر صالح پٽ ماجد ماڪو چيـف سيڪريٽري سنڌ کي ٽوپي ۽ اجرڪ پڻ پيش ڪيا۔اي سيز چيـف سيڪريٽري کي بريفنگ دوران ٻڌايو ته ڊوميسائيل لاءِ اي-سروس سهولتون مهيا ڪيون ويون آهن ۽ خواتين لاءِ الڳ واش رومز به قائم ڪيا ويا آهن۔چيـف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاهه اڄ سکر ۾ ٻين مختلف سرگرمين ۾ پڻ مشغول رهندا۔

پنھنجي راءِ لکو