ڪشمور ۾ بابا گُرو نانڪ مندر جي افتتاحي ميلي جو رنگارنگ آغاز

ڪشمور گردوارا گرو صاحب سنگھ سبھا ۾ بابا گُرو نانڪ مندر جي افتتاحي ميلي جو شاندار آغاز ٿي ويو। هر سال وانگر هن ڀيري به 3 ڏينهن وارو ميلو وڏي عقيدت ۽ احترام سان منایا پيو وڃي۔ميلي ۾ ملائيشيا، انڊيا ۽ ٻين ملڪن سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان سِک ياترين وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيا۔ مختلف ملڪن کان آيل ياترين جو ڀرپور آڌرڀاءُ ڪيو ويو، جڏهن ته اڳوڻي صوبائي وزير سردار سليم جان خان مزاري پاران به سِک ياترين کي ڀليڪار ڪيو ويو۔گردوارو رنگ برنگين قمقمين سان خوبصورت نموني سجايو ويو هو، جڏهن ته سيڪيورٽي لاءِ انتهائي سخت انتظامات ڪيا ويا ته جيئن ميلو پرامن نموني جاري رهي۔

پنھنجي راءِ لکو