اسلام آباد عدالت پاران پي ٽي آءِ اڳواڻ مرزا شهزاد اڪبر کي اشتھاري قرار، گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد جي عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مرزا شهزاد اڪبر کي اشتھاري قرار ڏيندي انهن خلاف گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن।جوڊيشل مجسٽرٽ محمد عباس شاهه پاران جاري ڪيل تحريری حڪم موجب مرزا شهزاد اڪبر کي ڪيترائي ڀيرا طلب ڪيو ويو، پر هو عدالت ۾ پيش نه ٿيا।عدالت کي ٻڌايو ويو ته شهزاد اڪبر خلاف مقدمي جو چالان پڻ جمع ڪرايو ويو آهي۔ ياد رهي ته انهن خلاف ٽوئٽر تي متنازع بيان ڏيڻ تي اين سي سي آءِ اي پاران جولاءِ 2025 ۾ مقدمو داخل ڪيو ويو هو۔حڪومت پاران پڻ برطانيا کان مرزا شهزاد اڪبر ۽ عادل راجا جي حوالگي جو مطالبو ڪيو ويو آهي۔ ڪجهه ڏينهن اڳ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته بيرونملڪويهي رياست خلاف پروپيگنڊا ڪندڙن کي جلد وطن واپس آندو ويندو ۽ انهن کي پنهنجن بيانن جو حساب ڏيڻو پوندو۔مرزا شهزاد اڪبر پي ٽي آءِ حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ برطانيا هليا ويا هئا، جتي انهن جي شهريت پڻ موجود آهي۔ ڪجهه وقت اڳ لنڊن ۾ انهن مٿان تيزاب گردي جو واقعو پڻ پيش آيو هو۔

پنھنجي راءِ لکو