ڀارت جي گوريگائون ويسٽ ۾ واقع ويوايڪ ودياليه اينڊ جونيئر ڪاليج ۾ برقعو پائڻ تي لڳايل پابندي خلاف احتجاج وڌيڪ تيز ٿي ويو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب، گذريل ڏينهن وڏي تعداد ۾ شاگردياڻين ڪاليج ٻاهران بک هڙتال شروع ڪئي، جنهن ۾ مجلس وومينز ونگ جي نائب صدر جهاں آرا شيخ پڻ شريڪ ٿيون ۽ انتظاميا کان فوري طور پابندي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.جهاں آرا شيخ جو چوڻ هو ته ڪاليج انتظاميا پهريان ڳالهائڻ جو موقعو به نه ڏنو ۽ کيس ڪاليج احاطي ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو. هن چيو ته احتجاج مقصد نه هو، صرف اهو مطالبو هو ته شاگردياڻين جي تعليم متاثر نه ٿئي ۽ انهن جي مذهبي حقن جو احترام ڪيو وڃي.شاگردياڻين موجب داخلا وقت کين برقعو پابندي بابت ڪا به آگاهي نه ڏني وئي هئي، تنهنڪري اوچتو پابندي لاڳو ڪرڻ غير مناسب آهي. نائب پرنسپل پرنسپل سان ملاقات جو وقت ڏنو، پر ملاقات لاءِ پهچڻ تي ڪاليج جو گيٽ بند ڪري ڇڏيو ويو.احتجاج دوران پوليس ممبئي مجلس صدر حاجي فاروق ڀائي شابدي کي پڻ حراست ۾ وٺي وئي. قائدين ۽ شاگردياڻين جو چوڻ آهي ته برقعو پابندي عورتن جي مذهبي آزادي ۽ بنيادي حقن جي سڌي ڀڃڪڙي آهي، جيڪا ڪنهن به صورت قبول نه ڪئي ويندي.مظاهره ڪندڙن واضح ڪيو آهي ته جيستائين انتظاميا فيصلو واپس نٿي وٺي، احتجاج ۽ بک هڙتال جاري رهندي.
