ڪريم آباد پل تي ٽرالر فوڊ ڊيليوري رائيڊر کي چيڀاٽي ڇڏيو نوجوان جاں بحق

ڪراچي ۾ هيوي ٽريفڪ هڪ ٻي قيمتي جان وٺي وئي۔ ڪريم آباد پل جي ويجهو ٽرالر جي موٽرسائيڪل سان ٽڪراءَ جي نتيجي ۾ نوجوان فوڊ ڊيليوري رائيڊر شبير (27 سال) جاں بحق ٿي ويو۔ريسڪيو ادارن موجب حادثي بعد ماڻهن فوري طور تي اطلاع ڏني، پر نوجوان واقعي واري هنڌ تي ئي دم ڏئي ڇڏيو۔ پوليس ٽرالر ڊرائيور کي حراست ۾ وٺي ٽرالر کي پڻ ضبط ڪري ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو آهي۔پوليس ٻڌايو ته حادثي جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ قانوني ڪارروائي جاري آهي، جڏهن⁠ته ضروري ضابطي جي ڪارروائي مڪمل ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪئي وئي۔شهرين جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ هيوي ٽريفڪ جي آزادانه آمد و رفت روزانو انساني جانين لاءِ خطرو بڻيل آهي، ۽ لاڳاپيل ادارن کي حفاظتي قدمن کي وڌيڪ سخت ڪرڻ جي ضرورت آهي۔

پنھنجي راءِ لکو