ڪشمور جي سري گرونانڪ گردوارا صاحب ۾ هر سال وانگر هن سال به ٽن ڏينهن وارو ساليانو سک ميلو وڏي احترام ۽ عقيدت سان شروع ٿي ويو آهي. ميلي ۾ دنيا جي مختلف ملڪن مان آيل سک برادري جي مهمانن کي روايتي انداز ۾ آجياڻو پيش ڪيو ويو.ملائيشيا مان بجيون سنگھ، دليپ سنگھ، کبير سنگھ، ۽ يوڪي مان دويندربير سنگھ سميت ڪيترن ئي ملڪن جي مهمانن کي ڪشمور پهچڻ تي سينيئر سياستدان سردار سليم جان مزاري، چودري نريش ڪمار ڪيسواڻي، سردار مهيش سنگھ، ٽيڪم داس ڪيسواڻي، سروانند پنشي، ڊاڪٽر منوهر لال بجاج، لال چند، مڪيش ڪمار ڪيسواڻي ۽ سوين ڪشمور واسين پاران گلن جا هار پارائي ڀليڪار ڪيو ويو.ميلي ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ مهمانن کي سنڌ جي روايتي سوکڙي اجرڪ پڻ تحفي طور پيش ڪئي وئي. گذريل 15 سالن کان لڳاتار ٿيندڙ هن سک ميلي جون تقريبون ٽي ڏينهن جاري رهنديون، جتي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻهو وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا آهن.ميلي جي انتظاميا طرفان مهمانن جي رهائش ۽ ٻيا سهولتون مهيا ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ٽيهن ڏينهن دوران لنگر پرشاد به جاري رهندو.ميلي جي موقعي تي ضلعي انتظاميا پاران سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويا آهن، جتي سنڌ پوليس ۽ پاڪ رينجرس جا جوان پنهنجا فرض نڀائي رهيا آهن.
