اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جون 15 ڏينهن جون سياري جون موڪلون اعلان ڪيون ويون

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنهنجي سالياني سياري جي موڪلن جو اعلان ڪيو آهي، جيڪي 24 ڊسمبر 2025 کان 8 جنوري 2026 تائين جاري رهنديون. موڪلن جو نوٽيفڪيشن رجسٽرا محمد يار ولانه جاري ڪيو، جنهن جي منظوري چيفجسٽس سردار محمد سرفراز ڊوگر ڏني آهي.سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پڻ سياري جون موڪلون جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، جنهن موجب عدالتون 18 ڊسمبر کان 31 ڊسمبر 2025 تائين بند رهنديون ۽ 1 جنوري 2026 کان ٻيهروليونوينديون موڪلن دوران سپريم ڪورٽ جا آفيس کليل رهندا ۽ ارجنٽ ڪيس ۽ ٻيا فڪس ڪيس معمول مطابق ٻڌايا ويندا.اهي موڪلون ججز ۽ عدالتي عملي کي سياري دوران آرام جو موقعو ڏيڻ لاءِ ڏنيون وينديون آهن

پنھنجي راءِ لکو