ٻارن جو پيليا ٽيسٽ هاڻي چند سيڪنڊن ۾ ممڪن رت وٺڻ جي ضرورت ختم

ڪراچي جي سول اسپتال جي ٻارن جي وارڊ ۾ جديد اوزار “بلو روبينو ميٽر” متعارف ڪرايو ويو آهي، جنهن سان ٻارن جو پيليا ٽيسٽ چند سيڪنڊن ۾ مڪمل ٿي سگهي ٿو.ماهر اطفال مطابق پهريان هي ٽيسٽ رت ذريعي ٿيندو هو ۽ نتيجا حاصل ڪرڻ ۾ ڪيترن ڪلاڪن لڳندا هئا، پر هاڻي جديد مشين ٻار جي جسم تي صرف ٽچ ڪندي ئي پيليا جي شرح ڏيکاري ٿي.پروفيسر اقبال ميمڻ ٻڌايو ته هي اوزار سرڪاري اسپتال ۾ پهريون ڀيرو استعمال ڪيو ويو آهي، جنهن سان والدين جو وقت ۽ پيسو بچندو ۽ مريض ٻار جو علاج فوري ممڪن ٿيندو.پيليا وارن ٻارن کي عام طور تي فوٽو ٿراپي ذريعي علاج مهيا ڪيو ويندو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن پيليا جي وڌيل شرح سان پيچيدگيون پيدا ٿي سگهن ٿيون
هي جديد اوزار نه رڳو ٽيسٽ جي عمل کي آسان ۽ تيز بڻائي ٿو، پر ٻارن کي غير ضروري رت جا نمونا ڏيڻ جي تڪليف کان به بچائي ٿو.

پنھنجي راءِ لکو