سعودي عرب جي جدہ ۾ ڪنگ عبدالعزيز انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي گذريل مهيني مسافرن جي وڏي تعداد رڪارڊ ڪئي وئي آهي।سعودي خبرائيجنسي موجب نومبر 2024 جي ڀيٽ ۾ نومبر 2025 ۾ مسافرن ۾ 8.6 سيڪڙو ۽ فلائيٽ آپريشن ۾ 10.6 سيڪڙو واڌ ٿي آهي۔رپورٽن مطابق گذريل مهيني ايئرپورٽ تي 4.86 ملين مسافرن سفر ڪيو جڏهنته25.9هزار فلائيٽون آپريٽ ٿيون۔20 نومبر 2025 تي هڪ ڏينهن ۾ سڀ کان وڌيڪ 1 لک 76 هزار کان وڌيڪ مسافر رڪارڊ ٿيا۔ذريل 11 مهينن دوران ايئرپورٽ استعمال ڪندڙن جي مجموعي تعداد 48 ملين پهتي، جيڪا گذريل سال جيڀيٽ۾8.9سيڪڙو وڌيڪ آهي، جڏهن ته مجموعي فلائيٽون 2 لک 73 هزار کان وڌي ويون جن ۾ 8.2 سيڪڙو اضافو ٿيو۔ياد رهي ته ڪنگ عبدالعزيز ايئرپورٽ 2024 ۾ سعودي ايئرپورٽن ۾ تاريخي طور تي سڀ کان وڌيڪ 94.1 ملينمسافرن کي خدمتونفراهم ڪيون۔سعودي مملڪت جي قومي سياحتي حڪمت عملي موجب 2030 تائين 150 ملين سياحن کي راغب ڪرڻ ۽ جي ڊي پي ۾ سياحت جو حصو 6 سيڪڙو کان 10 سيڪڙو تائين وڌائڻ جو هدف مقرر آهي۔
