پاڪستان ۾ سون جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر نمايان واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي۔ آل پاڪستان جيمز اينڊ جيوولرز ايسوسيئيشن موجب عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ اُٿل پُٿل کان پوءِ في تولا سون 1600 رپيا وڌي 4 لک 43 هزار 762 رپيا ٿي ويو آهي۔ساڳئي طرح 10 گرام سون 1372 رپيا اضافي سان 3 لک 80 هزار 454 رپيا مقرر ٿيو آهي۔الميمارڪيٽ ۾ پڻ سون مهانگو ٿي ويو، جتي في اونس قيمت 16 ڊالر اضافي سان 4212 ڊالر تائين پهچي وئي آهي۔چاندي جي قيمت پڻ وڌي وئي، ۽ في تولا چاندي 30 رپيا وڌي 6102 رپيا ٿي وئي۔ماهرن جو چوڻ آهي ته سون روايتي طور محفوظ سيڙپڪاري سمجھيو ويندو آهي، ۽ سياسي يا معاشي غير يقيني صورتحال ۾ ان جي قيمت وڌي ويندي آهي۔ گذريل سال سون جي قيمت مقرر ڪرڻ واري نظام ۾ تبديلي ڪئي وئي هئي، جنهن مطابق پاڪستان ۾ سون جي قيمت عالمي مارڪيٽ کان 20 ڊالر في اونس وڌيڪ رکي وڃي ٿي۔
