پنجاب سي ٽي ڊي جي ڪارروائي را جا 12 دهشتگرد گرفتار بارودي مواد هٿ

پنجاب ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) ڳجهي ڄاڻَ جي بنياد تي وڏي ڪارروائي ڪندي ڀارتي خفيه ايجنسي را سان لاڳاپيل 12 خطرناڪ دهشتگردن کي لاهور، فيصلا آباد ۽ بهاولپور مان گرفتار ڪري ورتو۔سي ٽي ڊي موجبدهشتگرد پنجاب ۾ دهشت، خوف ۽ مذهبي نفرت پکيڙڻ سان گڏ عبادت گاهن ۽ حساس هنڌن تي حملن جو منصوبو بڻائي رهيا هئا۔ترجمان ٻڌايو ته هڪ “عادل” نالي فيس بڪ آءِ ڊي جيڪا ڀارت مان را هلائي رهي هئي، جي جاچ دوران پورو نيٽ ورڪ سامهون آيو۔ دهشتگرد حساس هنڌن جون وڊيوز ٺاهي واٽس ايپ وسيلي ڀارت موڪليندا هئا۔گرفتار ماڻهن جا نالا:لاهور مان: سکديپ سنگھ، عظمت، فيضان، نبیل، ابرار، سرفراز، عثمانفيصلا آباد مان: دانشبهاولپور مان: رجب هاشم، ثاقب، عارفترجمان موجب سکديپ سنگھ پيدائشي ڪرسچن آهي ۽ ڪجهه وقت اڳ کيس پنهنجو مذهب تبديل ڪيو هو، جڏهن ته سڀني دهشتگردن کي را طرفان فنڊنگ فراهم ڪئي پئي وئي۔برآمدگيون:7 آءِ اي ڊيبم2ڊيٽونيٽر102 فوٽ فيوز وائر ارودي مواداسلحـوموبائل فوننقد رقم

پنھنجي راءِ لکو