ڀمبر آزاد ڪشمير ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي تحصيل صدر ميجر (ر) طارق محمود هڪ اهم پريس ڪانفرنس دوران پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔هن چيو ته هو ڪنهن به اهڙي جماعت جو حصو نٿو رهي سگهي جيڪا ملڪي ادارن خلاف رٿائون يا عزائم رکي ٿي۔ طارق محمود چيو: ”وطن ۽ پاڪ فوج کان وڌي ڪجهه به ناهي، مان هر وقت پنهنجي ادارن جي ڀرسان بيٺل آهيان.“طارق محمود موجب پارٽي اندر ڪجهه ماڻهو اهڙي رهنمائي ڪري رهيا آهن جيڪا رياستي ادارن سان ٽڪراءُ پيدا ڪري ٿي، ۽ اهو ملڪ لاءِ نقصانڪار آهي۔سياسي تجزين مطابق، ميجر ر طارق محمود جو هي فيصلو آزاد ڪشمير ۽ ڀمبر جي سياست ۾ هڪ اهم تبديلي طور ڏٺو پيو وڃي، ڇوتہ هو علائقي ۾ پي ٽي آءِ جا بااثر اڳواڻ سمجهيا ويندا هئا۔
