ڪراچي بار ايسوسيئيشن وڪيلن لاءِ سٽي ڪورٽ جي آس پاس اي چالان کان استثنا جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي۔اے آر وائي نيوز موجب ڪراچي بار ايسوسيئيشن پاران ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه کي خط لکي درخواست ڪئي وئي آهي ته سٽي ڪورٽ جي چوڌاري وڪيلن جي گاڏين کي اي چالان ڪرڻ جو عمل روڪيو وڃي۔خط ۾ چيو ويو آهي ته روزانو وڏي تعداد ۾ وڪيل سٽي ڪورٽ ۾ پيش ٿيندا آهن، جڏهنتہ هتي پارڪنگ جي سهولت تمام محدود آهيوڪيلن سميت سائلين جي گاڏين کي ايڊجسٽ ڪرڻ لاءِ جاءِ به ناڪافي آهي۔ڪراچي بار جو چوڻ آهي ته پارڪنگ جي مناسب انتظام نه هجڻ سبب وڪيل مجبورن ايم اي جناح روڊ تي گاڏيون پارڪ ڪن ٿا، ۽ ان باوجود انهن کي اي چالان جاري ٿي رهيا آهن، جيڪو ناانصافي آهي۔بار ايسوسيئيشن پاران ڊي آءِ جي ٽريفڪ کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته سٽي ڪورٽ جي ڀرپاسي وڪيلن جي گاڏين جو اي چالان بند ڪيو وڃي ۽ پارڪنگ مسئلي جو حل ڪيو وڃي۔
