اسلام آباد بلدياتي چونڊن جي تاريخ جو اعلان ووٽنگ 15 فيبروري 2026 تي ٿيندي

وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ بلدياتي چونڊن جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي، جنهن تحت ووٽنگ 15 فيبروري 2026 تي ٿيندي۔الیکشن ڪميشن آف پاڪستان موجب اميدوارن جا نامزدگي فارم 22 کان 27 ڊسمبر تائين جمع ڪرايا ويندا، ۽ اميدوارن جا نالا 29 ڊسمبر تي شايع ڪيا ويندا۔ نامزدگي فارم جي اسڪروٽني 30 ڊسمبر کان 3 جنوري تائين ڪئي ويندي۔ريٽرننگ آفيسر جي فيصلن خلاف اپيلون 5 کان 8 جنوري تائين داخل ڪري سگهجن ٿيون، جڏهن⁠تہ انهن اپيلن جا فيصلو 9 کان 13 جنوري تائين ڪيا ويندا۔ نظرثاني ٿيل فهرست 14 جنوري تي جاري ڪئي ويندي ۽ نامزدگي فارم واپس وٺڻ جي آخري تاريخ 15 جنوري مقرر ڪئي وئي آهي۔اميدوارن کي چونڊ نشان 16 جنوري تي الاٽ ڪيا ويندا ۽ بلدياتي چونڊن جا نتيجا 16 کان 19 فيبروري تائين مڪمل ڪيا ويندا۔الیکشن ڪميشن چيو آهي ته هي شيڊول شفاف ۽ منظم چونڊن کي يقيني بڻائڻ لاءِ ترتيب ڏنو ويو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو