سندھ هاءِ ڪورٽ ۾ سياري جي موڪلن جو شيڊول جاري 26 ڊسمبر کان 9 جنوري تائين عدالتون بند

سندھ هاءِ ڪورٽ سياري جي موڪلن بابت شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن مطابق 26 ڊسمبر کان 9 جنوري تائين سڀ بينچ ۽ سرڪٽ ڪورٽون بند رهنديون۔اعلامي ۾ چيو ويو آهي ته موڪلن دوران رڳو فوري ۽ اهم نوعيت جا ڪيس ٻڌڻ لاءِ مقرر ٿيندا۔ عدالت جا وقت سومر کان خميس تائين صبح 9:30 کان ڏهين 1:00 وڳي تائين، جڏهن ته جمعي تي صبح 9:00 کان 12:00 وڳي تائين هوندا۔اعلامي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته عدالت جو عملو 26 ڊسمبر کان 3 جنوري تائين چار ڏينهن جي موڪل وٺي سگهي ٿو، پر اها انتظامي ضرورت ۽ ڪم جي لوڊ مطابق ڏني ويندي۔اعليٰ اختيارين موجب هي شيڊول عدالتي معاملن جي تسلسل کي برقرار رکندي عملدارن کي سياري جي موڪلن جو موقعو به فراهم ڪري ٿو۔

پنھنجي راءِ لکو