شڪارپور جي علائقي منڇر شاھ ۾ پوليس طرفان ڏوهارين خلاف وڏو آپريشن جاري آهي، جتي بکتر بند گاڏين سان گڏ جديد ڊرون ٽيڪنالاجي جو به استعمال ڪيو پيو وڃي۔اڄ آپريشن دوران پوليس ۽ ڏوهارين ۾ سخت مقابلو ٿيو، ٻنهي پاسن کان فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ 9 ڏوهاري هلاک ٿي ويا، جڏهن ته ڊي ايس پي ڳڙهي ياسين سميت 4 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا۔پوليس مطابق مارجي ويل ڏوهاري اغوا براءِ تاوان، منشيات فروشي، لٽ مار ۽ ٻين سنگين ڏوهن ۾ ڳولها ۾ هئا۔ان موقعي تي سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنڱار شڪارپور ۾ ڪامياب آپريشن تي ايس ايس پي ۽ پوليس ٽيم کي ساراهيو ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروايون جاري رکڻ جي هدايت ڪئي۔
