وزيراعظم شهباز شريف سياري ۾ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ گهرن کي صبح 5 وڳي کان رات 10 وڳي تائين بنا وقفي گئس فراهم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن۔اسلام آباد ۾ قومي اسيمبلي کي خطاب ڪندي وفاقي وزير پٽروليم علي پرويز ملڪ ٻڌايو ته سياري ۾ گئس جي طلب وڌي ويندي آهي، تنهن ڪري وزيراعظم اڄ به اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪري گئس جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ لڳاتار فراهمي يقيني بڻائڻ جا حڪم ڏنا۔وفاقي وزير موجب هن سال گذريل سال جي ڀيٽ ۾ گئس لوڊشيڊنگ ۾ وڏي حد تائين گهٽتائي ٿي آهي۔ نومبر 2023 ۾ 460 ايم ايم سي ايف ڊي ايل اين جي ڏني پئي وئي، جڏهن ته هن سال نومبر ۾ اها وڌي 590 ايم ايم سي ايف ڊي ٿي وئي آهي؛ يعني لڳ ڀڳ 26 سيڪڙو وڌيڪ گئس فراهم ڪئي پئي وڃي۔ سوئي سدرن وارن علائقن ۾ به 18 سيڪڙو وڌيڪ گئس ڏني پئي وڃي، جنهن سبب شڪايتن ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي۔هن وڌيڪ ٻڌايو ته پشاور ۾ 29 آپريشنل فيز جي مرمت تي 50 ڪروڙ رپيا خرچ ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 250 ڪلوميٽر پائپ لائن جي اپ گريڊيشن لاءِ 2 ارب رپين کان وڌيڪ خرچ ٿيندو۔علي پرويز ملڪ مطابق ڪوئيٽه ۾ گئس چوري ۽ بل ٽيمپرنگ جا مسئلا موجود آهن، جن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪارروائي جاري آهي۔ ايس اين جي پي آئيل جا 70 کان 80 لک گهريلو صارفين آهن، ۽ نومبر ۾ 90 هزار شڪايتون مليون، جن مان 70 سيڪڙو کان 80 سيڪڙو 36 ڪلاڪن ۾ حل ڪيون ويون۔آخر ۾ وفاقي وزير عوام کي اپيل ڪئي ته جتي به گئس پريشر جو مسئلو هجي، اطلاع ڏيو، ٽيمون فوري طور مسئلا حل ڪنديون۔
