پاڪسٽان ڪوسٽ گارڊ جي وڏي ڪارروائي 17 لک ليٽر کان وڌيڪ ايراني ڊيزل جي اسمگلنگ ناڪام

پاڪسٽان ڪوسٽ گارڊز هڪڙي وڏي ڪارروائي دوران سمنڊ ۽ زميني رستن تي غيرقانوني ايراني ڊيزل جي اسمگلنگ روڪي ڇڏي।ترجمان موجب ڪراچي، گوادر، پسني، اوتھل روڊ چيڪ پوسٽن ۽ سمنڊ ۾ ڪيل ڪارروائين دوران گڏيل طور 17 لک 64 هزار 615 ليٽر غيرقانوني ايراني ڊيزل ضبط ڪيو ويو۔سمنڊ رستي 18 هزار ليٽر ايراني ڊيزل هٿ آيو، جيڪو بلوچستان کان غيرقانوني طريقي سان ڪراچي آندو پيو وڃي۔ ڪوسٽ گارڊز ڊيزل، ٽرڪ ۽ آئل ٽينڪر تحويل ۾ وٺي تحقيقات شروع ڪري ڇڏي آهي۔ترجمان مطابق ضبط ٿيل ڊيزل ۽ گاڏين جي مجموعي ماليت 487.03 ملين رپيا آهي۔

پنھنجي راءِ لکو