پنجاب حڪومت ڪينسر ۽ دل جي بيمارين ۾ مبتلا ماڻهن لاءِ وڏو رليف ڏيندي انهن جي مڪمل مفت علاج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔اے آر وائی نيوز موجب پنجاب حڪومت ڪينسر ۽ ڪارڊيڪ سرجري جي مهانگي علاج جو سمورو خرچ برداشت ڪندي، جنهن لاءِ خاص اسپيشل انيشيٽو ڪارڊ جاري ڪيو ويندو۔وزيراعليٰ مريم نواز جي هدايت تي هي ڪارڊ ڪينسر ۽ عارضه قلب ۾ مبتلا هر مريض کي ڏنو ويندو، ۽ هر مريض 10 لک رپينتائينمفتعلاجحاصلڪريسگهندواعلامي موجب پروگرام جي پهرين مرحلي ۾ 45 هزار مريض هن ڪارڊ وسيلي مهانگي علاج جي خرچ کان آزاد ٿيويندا۔وزيراعليٰ پنجاب اسٽروڪ ۽ فالج جي بروقت علاج لاءِ به نئون پروگرام طلب ڪيو آهي، جڏهن ته سرگودها ۾ نواز شريف انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيوالاجي کي 31 جنوري تائين مڪمل طور تي فعال ڪرڻ جي ڊيڊ لائن مقرر ڪئي وئي آهي۔ هن موقعي تي سيڪريٽري اسپيشلائيزڊ هيلٿ ڪيئر اينڊ ميڊيڪل ايجوڪيشن طرفان تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي۔
