تفصيل موجب ڪراچي جي علائقي پراڻو گولي مار ڀرسان نامعلوم طرفان هلائي ويل گولي لڳڻ سبب 15 ورهين جو نوجوان عبدالله فوت ٿي ويو۔ريسڪيو موجب نوجوان پنهنجي ڀاءَ سان گڏ موٽرسائيڪل تي سوار هو ته اوچتو گولي لڳڻ ڪري فوت ٿي پيو۔لاش کي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي۔پوليس چيو آهي ته واقعي واري هنڌ ماڻهن جو ميلاپ آهي ۽ شواهد گڏ ڪيا پيا وڃن ته جيئن فائرنگ جي سمت ۽ سبب جو پتو لڳائي سگهجي۔ابتدائي ڄاڻ موجب نوجوان عابد آباد طرف وڃي رهيو هو، جڏهنتہ پوليس وڌيڪ تفصيل لاءِ مقتول جي ڀاءُ سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي
