نارٿ ڪراچي ۾ واٽر ٽينڪر جي ٽڪر سان 17 سالن جو شاگرد فوت

نارٿ ڪراچي سرجاني جي ويجهو واٽر ٽينڪر موٽرسائيڪل سوار کي ٽڪر هنئي، جنهن جي نتيجي ۾ 17 سالن جو نوجوان عابد فوت ٿي ويو، جيڪو شاگرد هو. ريسڪيو ذريعن موجب حادثي وقت عابد پنهنجي ڪيمپس وڃي رهيو هو. حادثو سرجاني فور جي چوڪ، ڪي اليڪٽرڪ جي آفيس جي ويجهو پيش آيو.ڪاليج جي منتظم مطابق گهٽ عمر ٽينڪر ڊرائيور موٽرسائيڪل سوار شاگرد کي پويان کان ٽڪر هنئي ۽ موٽرسائيڪل ڪري پويان واري حالت ڏسي فرار ٿي ويو. حادثي کان پوءِ مشتعل ماڻهن واٽر ٽينڪر کي باهه ڏئي ڇڏي.ياد رهي ته ڪراچي ۾ بي قابو ڊمپر ۽ واٽر ٽينڪر شهرين لاءِ خطري جي علامت بڻجي چڪا آهن. ٽريفڪ قانونن جي کلي ڀڃڪڙي ڪرڻ سبب اهڙيون هيَوي گاڏيون روڊن تي آزادانه گهمن ٿيون، جنهن ڪري شهرين جون حياتيون مسلسل خطري ۾ رهن ٿيون.اعداد و شمار موجب ڪراچي ۾ هن سال ٽريفڪ حادثن ۾ 700 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 10 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن، جن ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان موٽرسائيڪل سوارن ۽ پيادل هلندڙ شهرين کي ٿيو، جن کي تيز رفتار ۽ هيَوي گاڏين ڪچلي ڇڏيو.

پنھنجي راءِ لکو