راولا ڪوٽ جي تحصيل ههجيرہ ۾ هڪ افسوسناڪ حادثو پيش آيو، جتي پنڊي کان ايندڙ مسافرن سان ڀريل وين آزاد پتن واري هنڌ تي بي قابو ٿي درياءِ جهلم ۾ ڪري پئي۔ حادثي جي اطلاع تي پوليس، ضلعي انتظاميا ۽ ريسڪيو 1122 جون ٽيمون فوري طور واقعي واري هنڌ پهچي ويون۔ريسكيو ٽيمون چار مسافرن کي باحفاظت ٻاهر ڪڍي ٽي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪري چڪيون آهن، جڏهنتہ 12 لاپتا ماڻهن جي ڳولا جاري آهي۔ ڊي سي راولاڪوٽ سدهنوتي ممتاز ڪاظمي موجب ريسڪيو ٽيمون مڪمل طور سرگرم آهن۔ريسكيو اهلڪارن ٻڌايو آهي ته درياءَ ۾ تيز وهڪرو هجڻ سبب آپريشن ۾ ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن، پر ڳولا جو عمل بنا روڪ ٽوڪ جاري آهي۔
