خواجه آصف: فيض حميد ۽ پي ٽي آءِ باني گڏجي ملڪ کي نقصان پهچايو،

دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته فيض حميد ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني هڪ ٻئي جا پارٽنر رهيا آهن ۽ گڏجي ملڪ کي نقصان پهچايو.هن چيو ته فوج ۾ پهريون ڀيرو پنهنجي آفيسز کي سزا ڏني وئي، جڏهن ته فيض حميد جي خلاف به ڪيترائي الزام موجود آهن، جن تي ڪارروائي ڪئي ويندي. دفاع واري وزير چيو ته پي ٽي آءِ باني جو پروجيڪٽ 10 کان 12 سال اڳ شروع ڪيو ويو، ۽ نواز شريف کي سازش جي تحت اقتدار کان ڪڍيو ويو هوخواجه آصف چيو ته فيض حميد ۽ پي ٽي آءِ باني گڏجي ملڪ کي چار سال تائين تباهه ڪيو. فيض حميد جي سربراهي ۾ پي ٽي آءِ باني اقتدار ۾ آيو ۽ پنهنجي دور ۾ سمورن مخالفن کي جيل ۾ وجهي ڇڏيو.هن وڌيڪ الزام لڳايو ته 9 مئي جهڙن واقعن پٺيان فيض حميد جو دماغ هو، ۽ اڄ به سازشي عناصر پي ٽي آءِ باني کي ٻيهر آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. دفاع واري وزير چيو ته پاڪستان جي دشمنن جو سخت احتساب ڪيو ويندو، ۽ اقتدار لاءِ ملڪ کي نقصان پهچائيندڙن کي نه ڇڏبو.خواجه آصف چيو ته پي ٽي آءِ باني ۽ فيض حميد جو ڳٺ جوڙ قائم رهيو، ته اڄ ملڪ مڪمل طور تباهه ٿي چڪو هجي ها. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جي قيادت طالبان کي ڀت ڏئي رهي آهي.هن چيو ته مغربي سرحد تي جيڪي حالتون آهن، انهن ۾ ڀارت جو هٿ آهي، جڏهن ته فيلڊ مارشل جي قيادت ۾ پاڪستان کي دنيا ۾ عزت ملي آهي ۽ آمريڪا سميت سموري دنيا ۾ پاڪ فوج کي ڀرپور موٽ ملي آهي.

پنھنجي راءِ لکو