ڀارتي فلم “دهرنيندر” جي ذريعي لياري خلاف پروپيگنڊا جي جواب ۾ پاڪستان ۾ “ميرا لياري” نالي فلم تيار ڪئي وئي آهي. سنڌ حڪومت فلم جي تياري ۾ مدد ڪئي آهي، ۽ اها فلم جنوري جي پهرين هفتي ۾ رليز ڪئي ويندي.صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته فلم کي عالمي طور تي رليز ڪيو ويندو. هن چيو ته جنگ ۾ ڀارت کي عبرتناڪشڪست ٿي، ۽ هاڻ ڀارت فلمن جي ذريعي پنهنجي شڪست کي سوڀ ۾ تبديل نه ٿو ڪري سگهي. شرجيل ميمڻ چيو ته ڀارتي فلم “دهرنيندر” پاڪستان خاص طور تي لياري خلاف منفي پروپيگنڊا آهي، جڏهن ته لياري ثقافت، امن، صلاحيت ۽حوصلے جي نشاني آهي.هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ مهيني رليز ٿيندڙ فلم “ميرا لياري” لياري جو حقيقي چهرو ڏيکاريندي، ۽ ان ۾ امن، خوشحالي ۽ فخر جي جھلڪ نظر ايندي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڀارت ۾ پروپيگنڊا فلم “دهرنيندر” جاري ڪئي وئي، جنهن ۾ رنوير سنگهه، اڪشي کهنه، آرمدهون، ارجن رام پال، سنجي دت سميت ٻين مرڪزي ڪردار ادا ڪي
