پي ٽي آءِ ضلعي تنظيم پشاور جي 25 ميمبرن کي 7 ڊسمبر تي حيات آباد اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ ٿيندڙ جلسي ۾ ڪارڪن گهٽ آڻڻ تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا. اها ڪارروائي جلسي جي انتظامن جو جائزو وٺڻ بعد ڪئي وئي، جنهن ۾ ضلعي تنظيم مقرر تعداد ۾ ڪارڪنن کي جلسي ۾ آڻڻ ۾ ناڪام رهي.شوڪاز نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ضلعي تنظيم جي عهديدارن پارٽي حڪمن تي عمل نه ڪيو ۽ جلسي لاءِ ڪارڪنن کي موثر انداز ۾ آڻڻ ۾ ناڪام رهيا. سمورن لاڳاپيل عهديدارن کي 3 ڏينهن اندر لکت ۾ جواب ڏيڻ لاءِ چيو ويو آهي، ۽ پارٽي چيو آهي ته تسلي بخش جواب نه ملڻ جي صورت ۾ سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.نجي ٽي وي پي ٽي آءِ ذريعن موجب، شوڪاز نوٽيس جاري ٿيڻ کان پوءِ ڪيترن ئي عهديدارن پارٽي قيادت کي پنهنجون استعيفائون جمع ڪرائي ڇڏيون آهن.
