16 ڊسمبر سانحي آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن کي ڀيٽا سکر ۾ تعزيتي تقريبون

16 ڊسمبر 2014 پاڪستان جي تاريخ جو هڪ انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ ڪارو ڏينهن هو، جڏهن دهشتگردن پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول تي بي رحم حملو ڪيو. ان المناڪ واقعي ۾ اسڪول جي پرنسپل، استادن، عملي سميت 140 کانوڌيڪ معصوم ٻار شهيد ٿي ويا، جنهن سڄي قوم کي سوڳ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو.سانحي آرمي پبلڪ اسڪول جي ورسي جي موقعي تي سکر ۾ اسٽيپ فائونڊيشن جي چيئرپرسن ميڊم شائسته کوسو، سماجي اڳواڻن، شهرين ۽ مختلف تنظيمن پاران شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ تعزيتي تقريبون منعقد ڪيون ويون. تقريبن دوران شهيدن جي ياد ۾ ميڻ بتيون روشن ڪيون ويون، خصوصي دعائون گهريون ويون ۽ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي.ان موقعي تي مقررین چيو ته سانحو اي پي ايس نه رڳو قوم لاءِ وڏو صدمو هو، پر اهو دهشتگردي خلاف قومي عزم، اتحاد ۽ يڪجهتي جي مضبوط علامت پڻ بڻجي ويو آهي. سماجي اڳواڻن ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته معصوم ٻارن جو رت رائيگان نه ويندو ۽ پاڪستان کي پرامن ملڪ بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قرباني ڏني ويندي.شرڪاءَ جو چوڻ هو ته قوم اڄ به شهيدن جي وارثن جي غم ۾ برابر جي شريڪ آهي ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ متحد ٿي بيٺل آهي.

پنھنجي راءِ لکو