ميٽرڪ ۾ ٻه نوان تعليمي گروپ شامل، ٽيڪنيڪل ۽ زراعت جي تعليم متعارف

ميٽرڪ ۾ ٻه نوان تعليمي گروپ شامل ڪرڻ جو فيصلو، ٽيڪنيڪل ۽ زراعت جي تعليم متعارفوفاقي حڪومت ملڪ ڀر ۾ ميٽرڪ جي سطح تي تعليمي ڍانچي کي وسيع ڪرڻ جو فيصلو ڪندي ٻه نوان تعليم يروپ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي۔ سائنس، ڪامرس ۽ ڪمپيوٽر سائنس سان گڏ هاڻي ميٽرڪ ۾ ٽيڪنيڪل۽زراعت جي تعليم پڻ ڏني ويندي۔انهن نون تعليمي گروپن جي شموليت بابت انٽر بورڊ ڪميٽي آف چيئرمين (IBCC) ومشاورتي اجلاس 23 ڊسمبر تي اسلام آباد ۾ طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ مضمونن جي گروهه بندي، ميٽرڪ کان پوءِ اعليٰ تعليم جا متبادل رستا ۽ برابري بابت معاملن تي غور ڪيو ويندو۔اجلاس ۾ انٽر جي سطح تي پري ميڊيڪل ۽ريانجنيئرنگ گروپن ۾ داخلا جي اهليت، ميٽرڪ جي متبادل مضمونن جي برابري، غير ملڪي تعليمي اسناد جي مساوات، جنرل ۽ ووڪيشنل تعليم بابت به صلاح مشورا ڪيا ويندا۔ان کان علاوه ميٽرڪ ٽيڪنيڪل ۽ زراعت پڙهندڙ شاگردن لاءِ ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ ۾ داخلا جي امڪانن تي پڻ غور ڪيو ويندو، جڏهن ته تعليمي سڌارن لاءِ قومي ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ جي تجويز به ايجنڊا ۾ شامل آهي۔

پنھنجي راءِ لکو