حج 2026 سعودي ڊيڊ لائين ۾ هڪ ڏينهن باقي پاڪستان ۾ پاسپورٽ آفيسون کليل رهنديون

حج 2026 جي انتظامن بابت سعودي عرب طرفان ڏنل ڊيڊ لائين ۾ رڳو هڪ ڏينهن باقي رهجي ويو آهي، جنهن سبب پاڪستان جي وزارت مذهبي امور طرفان هنگامي قدم کنيا ويا آهن۔وزارت مذهبي امور ڊائريڪٽر جنرل پاسپورٽس کي خط لکي درخواست ڪئي آهي ته اڄ ۽ سڀاڻي ملڪ ڀر ۾ پاسپورٽ آفيسون کليل رکيون وڃن ۽ معاملي کي انتهائي اهم سمجهيو وڃي۔ذريعن موجب وزارت مذهبي امور ۾ هنگامي حالت لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ لاڳاپيل عملي جون موڪلون رد ڪيون ويون آهن، ڇاڪاڻ ته حج دوران خدمتون سرانجام ڏيندڙ ويلفيئر اسٽاف جا پاسپورٽ اڃا تائين تيار ناهن ٿي سگهيا۔راسلې ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سعودي عرب ۾ مقرري لاءِ ويلفيئر اسٽاف جا پاسپورٽ 21 ڊسمبر تائين مسار ايپ تي اپلوڊ ڪرڻ لازمي آهن، تنهن ڪري حج ميڊيڪل مشن جي 268 ميمبرن جا پاسپورٽ فوري جاري ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي۔واضح رهي ته سعودي ڊيڊ لائين پوري ڪرڻ لاءِ وزارت مذهبي امور پورٽ آفيسن جي هفتيوار موڪل به معطل ڪرائڻ جي درخواست ڪئي آهي۔

پنھنجي راءِ لکو